ڊاڪٽر عابده گهانگهرو

ڊاڪٽر عابده گهانگهرو

عابده گهانگهرو ڊاڪٽر

عابده گهانگهرو، ڊاڪٽر: ناليواري ليکڪا، محقق، ڪهاڻيڪاره ۽ استاد، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جو جنم 24 نومبر 1969ع تي ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جي گهر، محرابپور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. سندس والد سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ الاٽن تحريڪ جي اهم اڳواڻن مان هو. عابده جو ڀاءُ فيض گهانگهري ۽ ڀينرن: زبيده گهانگهرو، حميده گهانگهرو ۽ نورانساءِ گهانگهرو جو شمار سنڌ جي مشهور سياسي سماجي ۽ علمي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. عابده پرائمري تعليم محرابپور ۽ انٽر ڪنڊياري ڪاليج مان ڪئي. ان کان علاوه هن بي. اي ۽ ايم. اي اڪنامڪس شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان ۽ ايم. اي سنڌيءَ جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 2015ع ۾ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي مان پروفيسر ڊاڪٽر خورشيد عباسيءَ جي نگرانيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. سندس مقالي جو عنوان “سنڌي شاعريءَ ۾ ترقي پسند نظريا ۽ لاڙا” هو. هن لکڻ جي شروعات اردو ٻوليءَ ۾ هڪ تاثراتي ڪهاڻي ‘سيڙهيان’ سان ڪئي، جيڪا پوءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪري ‘ڏاڪڻ’ جي نالي سان 1990ع ۾ روزاني ‘عوامي آواز’ ۾ سندس لکيل پهرين سنڌي ڪهاڻي ‘عورت دردڪٿا’ آهي، جيڪا 1990ع ۾ ساڳي اخبار ۾ ڇپي. ان کان سواءِ سندس مضمون، مقالا، ڪهاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپبا رهن ٿا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ‘شيخ اياز صدين جو سرجڻهار’ (تحقيق)، ‘تخليق جو انت’ (ڪهاڻيون) ۽ ‘ماريه، ميز ۽ لائبريري’ (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون) شامل آهن. عابده گهانگهرو 1995ع کان روزاني اخبار عوامي آواز جي عورتن واري صفحي سورميءَ جي ايڊيٽر/ انچارج رهي آهي. ان کانسواءِ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي 1990ع کان 2000ع تائين ڪمپيئر، انائونسر ۽ اسڪرپٽ رائيٽر به آهي. آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ ۽ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئشن ڪراچيءَ جي ميمبر ۽ سرهاڻ ويلفيئر سوسائٽي سنڌ جي باني ميمبر ۽ عهديدار آهي. سندس شادي ناليواري اديب، محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي سان ٿي، جنهن مان کيس ٽن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1969.11.24  عيسوي

ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جو جنم 24 نومبر 1969ع تي ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهري جي گهر، محرابپور، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش دائود 1
رحمون فقير
ڀٽي زيب
حنيف جلال
پرشوتم ڀڳوانداس
عبدالعزيز سومرو
آشا چاند
خوشيرام منشي
آصف قاضي
شتروگهن سنها
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون